دل جون ڳالهيون

دل جون ڳالهيون

دل جون ڳالهيون

دل جون ڳالهيون (ڪتاب): هي ڪتاب سنڌ جي ناليواري عوامي شاعر مرحوم احمد خان ’مدهوش‘ جي شاعريءَ تي مشتمل آهي، جنهن ۾ شاعريءَ جون مختلف صنفون ڏنل آهن. هن ڪتاب جو ڪو به مهاڳ وغيره نه آهي. اداري پاران ناشر جو نوٽ سنڌي ادبي بورڊ جي ان وقت جي سيڪريٽري شمشير الحيدريءَ لکيو آهي. خان مدهوش'>احمد خان مدهوش جو هي پهريون شعري مجموعو آهي. سندس شاعريءَ ۾ محبت جا رنگ ۽ سماجي پهلو نمايان نظر اچن ٿا. 230 صفحن تي مشتمل ڊيمي سائيز جو هي ڪتاب 1993ع م سنڌي ادبي بورڊ ڄامشوري ڇپائي پڌرو ڪيو. ڪچي جلد جي هن ڪتاب جي قيمت 40 روپيا آهي. هن ڪتاب ۾ سندس سرائڪي ۽ سنڌي ڪلام شامل آهي.


لفظ دل جون ڳالهيونھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو